جيلاني ولايت شاهه سيد

جيلاني، ولايت شاهه سيد: سيد ولايت شاهه ولد سيد بگن شاهه جيلاني، ڳوٺ انباهه شريف، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ 1329هه مطابق 1911ع ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سيد بگن شاهه جو طالب ٿيو. ٻالڪپڻ کان وٺي فقيري حال مٿس موجود هو. پاڻ سنڌي ۽ سرائڪي شاعري ڪندو هو، سندس قلمي رسالو موجود آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، صوفي شاهه عنايت شهيد، صوفي محمد فقير کٽياڻ، قلندر لعل شهباز ۽ ٻين صوفين جي درگاهن تي وڃي راڳ ڳائيندو هو. ماڻهو سندس ڪلام ٻڌي محو ٿي ويندا هئا. ڪيترائي سندس طالب ٿيا. هيءُ 16 مارچ 1982ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو